SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آسيان ملڪن جو آزاد و اپار وارو علائقو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آسيان ملڪن جو آزاد و اپار وارو علائقو

AFTA Asean Free Trade Area

آسيان فري ٽريڊ ايريا

ڏاکڻي اوڀر ايشيا جي ڀائيچاري وارين قومن (ASEAN) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ هيءُ معاهدو، 28 جنوري 1992ع ۾ سنگاپور ۾ ٿيو. ابتدائي دور ۾ هن تنظيم جا ڪل ڇهه ميمبر يعني برونائي، انڊونيشيا، ملائشيا، فلپينس ۽ سنگاپور هئا، بعد ۾ ويٽنام (1995ع)، لائوس، ميانمار (1997ع) ۽ ڪمبوڊيا (1999ع) به هن تنظيم جا ميمبر بڻيا. پوين چئني ميمبرن کي AFTA جي محصول گهٽائڻ واري پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ڏنو ويو ۽ کين AFTA جو ميمبر به ان ڪري ڪيو ويو، ته جيئن اهي جلد ئي ASEAN جا ميمبر ٿي سگهن. AFTA اصل ۾ هڪ واپاري ڪٺ آهي ، جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ وکرن جي لاءِ منڊي ڳولي ، هڪٻئي جي پيداوار ۾ ڀائيوار ٿيڻ ۽ هڪٻئي جي واپار کي ترقي وٺرائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي . ان سلسلي ۾ دنيا جي واپاري ۾ AFTA ملڪن جي حصيداري ڳنڍڻ لاءِ ، ميمبرملڪن ۾ محصولن جي شرح کي گهٽائڻ ۽ ٻاهرين سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ، هن تنظيم جو اهم مول متو آهي. ان حاصلات جي حوالي سان، ’گڏيل ترجيحاتي متحرڪ محصول‘ (Common Effecrtive Preferential Tarrif) يعني، CEPT رٿا جي ذريعي 1992ع ۾ اهڙو وچُور تيار ڪيو ويو، جنهن ڪري نتيجي هن علائقي جي دنيا ۾ مقابلي جوڳي پيداواري حيثيت سگهاري ٿي، ۽ اهو بين الاقوامي منڊيءَ ۾ پنهنجي ساک قائم ڪري سگهيو. هن تنظيم جي ترجيحن ۾ زراعت سميت مختلف ٻين شعبن جي پيداوار شامل آهي


Remember Me Also:

کير لٺيون

وڏيُون ٿلهيون نبضون جيڪي اُٺ جي پيٽ ۽ سيني هيٺان هجن. ل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal